راڻي چندن جي ٺهرايل چندن گڍ جو ڏيک

راڻي چندن جي ٺهرايل چندن گڍ جو ڏيک

راڻو چندن

راڻو چندن: پارڪر جي راڻي گووند راءِ جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پٽ راڻو چندن تخت تي ويٺو، جيڪو سخي هو ۽ سندس هاڪ مُلڪان ملڪ هئي. هي پهرين دان ڏيندو هو، ان بعد ڏندڻ ڪندو هو. ڪاشيءَ جي هڪڙي پنڊت جو نبيرو جڏهن اجين نگريءَ ۽ پاٽڻ جي راجا نه ڪيو ته ان جو فيصلو ۽ انصاف پڻ پارڪر جي هن راڻي چندن ڪيو هو.
راڻي چندن کي جڏهن ڪوڙهه جو مرض وڪوڙي ويو ته هو بيماريءَ کان نجات لاءِ ڪجهه ڏينهن مٺي تعلقي جي مشهور ڳوٺ ڪيرٽيءَ ۾ وڃي رهيو هو، جتي ان وقت ڪيسر مڪواڻو راڄ ڪندو هو. هڪ ڏينهن هڪ فقير ڪيرٽيءَ ۾ پهتو، جنهن راڻي چندن کي ٻُڌايو ته ڀوڏيسر جبل جي چُر ۾ ’الک واو‘ نالي هڪ ڳجهو کوهه موجود آهي، جنهن جي پاڻيءَ سان وهنجڻ ساڻ ڪوڙهه جو مرض ختم ٿي ويندو. راڻي چندن جي ساٿي ويرو گوئيل وڏي ڪشالي کانپوءِ الک واوَ کوهه مان پاڻي آڻي، راڻي چندن کي غسل ڪرايو ته هو چڱو ڀلو ٿي ويو.
راڻي چندن جيلسمير جي ڀَٽي مهاراجا جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جيڪا نيڪ ۽ ڌرماتما ناري هئي. راڻو چندن جڏهن به ٻاهر ويندو هو ته هوءَ هڪڙي جوتش وديا جي ڄاڻوءَ کان راڻي جي پُڇا ڪرائيندي هئي ۽ برهمڻ کيس ٻُڌائيندو هو ته راڻو ڪٿي ۽ ڇا ڪري رهيو آهي. برهمڻ جون ڳالهيون، تجربي جي بنياد تي گهڻو ڪري سچيون نڪرنديون هيون. هڪ ڏينهن راڻو چندن ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويو ته اُن جوتشيءَ کي به پاڻ سان وٺي ويو. ڀٽياڻيءَ جڏهن دستور موجب برهمڻ کي گهُرايو ته برهمڻ جو ڀاءُ اچي حاضر ٿيو، جنهن کي جوتش جي ڪا به خبر نه هئي. ڀٽياڻيءَ برهمڻ جي ڀاءُ کان راڻي چندن بابت پُڇا ڪئي. هن بنا سوچ ويچار جي وراڻيو ته راڻو صاحب گذاري ويو آهي. ڀٽياڻي اهو ٻڌي اهڙي ته ڏک ۾ وٺجي وئي، جو ان گپوڙي تي اعتبار ڪري، اگني تيار ڪرائي، مچ ۾ ٽپو ڏنائين. ايتري ۾ راڻو چندن به اچي پهتو، پر ان وچ ۾ ڀٽياڻيءَ جو سرير جلي خاڪ ٿي چڪو هو. اڄ ڏينهن تائين ڪارونجهر جبل جي اولهه طرف واري نديءَ کي ’ڀٽياڻي ندي‘ سڏيو ويندو آهي، ڇو ته هوءَ پتورت راجپوتڻ اُن ندي وٽ ڏاگهه چڙهي هئي. اُن وقت راجپوتن جا گُرو ’راجگُر برهمڻ‘ هوندا هئا، پر هن واقعي کانپوءِ شرمالهي برهمڻن کي گُرو مڃيو ويندو هو، جيڪي اڄ تائين موجود آهن. سوڍن، راجگُرن کي راج نيڪالي ڏئي ڇڏي. راڻي چندن جو پنهنجي راڻيءَ سان ڏاڍو پيار هو، ان ڪري سندس ڏک ۾ حڪومت ڇڏي ڏنائين. راڻي چندن ڪارونجهر جبل تي هڪ زبردست قلعو ٺهرايو هو، جنهن کي ’چندن گڍ‘ سڏيو ويندو هو. لڙائيءَ وقت راجپوت هن قلعي ۾ ويهي دشمنن سان مقابلو ڪندا هئا. جڏهن انگريزن جي دور ۾ سوڍن ۽ روپلي ڪولهيءَ جي بغاوت خلاف ليفٽيننٽ ڪرنل تروٽ ڏيسا مان فوج گهرائي هئي، ته اُن فوج توبن سان چندن گڍ کي اُڏائي ڇڏيو هو، جنهن جا نشان اڄ تائين موجود آهن. چيو وڃي ٿو ته هن قلعي ۾ روپلو ڪولهي، راڻي ڪرڻ جيءَ کي ماني پهچائيندو هو ۽ گڏجي انگريزن جي خلاف هتي سٽون سٽيندا هئا.


لفظ راڻو چندنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو